رانوتي ويجهو ڀتو نه ڏيڻ تان 9 هٿياربندن جو حملو، فائرنگ ۾ همراهه قتل

جنوري 24, 2025

رانوتي (ن پ ا) رانوتي ويجهو ڀتو نه ڏيڻ تان هٿياربندن جو حملو، همراهه مارجي ويو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڪچي واري علائقي ۾ شر ۽ گرگيج ڌرين جي 9 کان مٿي هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو لقمان گرگيج قتل ٿي ويو، واقعي بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع تي رانوتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، همراهه لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو، هوڏانهن مقتول جي ڀاءُ نعيمگرگيج ٻڌايو ته شر برادري ۽ پنهنجي برادري جي هٿياربندن حملو ڪري ڀاءُ لقمان گرگيج کي گوليون هڻي بيگناهه قتل ڪيو، اسان کان ڪچي واري علائقي ۾ زمين تي رهڻ تان منٿلي گهرندا هئا جيڪا ته نه ڏيڻ تان هنن حملو ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گهرن تي ڇاپا هنيا پر هو هٿ اچي نه سگهيا.

 

Leave A Comment