| راني مکرجي جي فلم ”مرداني 3“ جو ٽريلر جاري، بالي ووڊ ستارا به بيچين |
ممبئي (شوبز نيوز) فلم انڊسٽري ۾ 30 سال مڪمل ڪندڙ اداڪارا راني مکرجي جي نئين ايڪشن فلم ”مرداني 3“ جو ٽريلر جاري ٿيندي ئي ڇانئجي ويو ۽ بالي ووڊ ستارا به فلم ڏسڻ لاءِ بيچين نظر اچي رهيا آهن. ڪيارا آڏواڻي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوريز تي مرداني 3 جو ٽريلر شيئر ڪندي راني مکرجي جي 30 ورهين جي شاندار فلمي سفر کي ساراهيو ۽ فلم ڏيڻ لاءِ بيچيني جو اظهار ڪيو. ڪترينا ڪيف به سوشل ميڊيا تي راني مکرجي کي ڀيٽا پيش ڪندي کيس بي مثال، لاجواب ۽ منفرد قرار ڏنو. ڪرينا ڪپور ٽريلر شيئر ڪندي راني مکرجي لاءِ ڀرپور محبت جو اظهار ڪيو ۽ سندس اداڪاري کي شاندار قرار ڏنو.عاليا ڀٽ به پنهنجي پيغام ۾ راني مکرجي جي فلمي ڪيريئر ۾ ڪاميابين جو ذڪر ڪندي مرداني 3 ڏسڻ لاءِ بيچين نظر آئي.