راهول گانڌي انڊيا نالو تبديل ڪرڻ کي بيوقوفي قرار ڏئي ڇڏيو

سيپٽمبر 11, 2023

نئين دهلي (پنهنجي ڊيسڪ) ڀارت جي اپوزيشن ليڊر ۽ ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي مودي حڪومت پاران آئيني طور تي انڊيا جو نالو مٽائي ڀارت رکڻ جي فيصل کي وائڙائپ قرار ڏئي ڇڏيو آهي

يورپ جي دوري تي پهتل راهول گانڌي برسلز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مودي حڪومت پاران انڊيا جو نالو مٽائڻ ملڪ کي تقسيم ڪرڻ جي هڪ حڪمت عملي آهي

هن چيو ته اها ڳالهه دلچسپ آهي ته اسين هر وقت گوتم اڏاڻي جي سرمايئداراڻي نظام تي آواز اٿاريندا آهيون ۽ وزيراعظم مودي هيل تائين نئين ڊرامائي ورڇ سان سامهون آيو آهي

Leave A Comment