| راولپنڊيز ۾ تبديليون: نسيم شاهه جي جاءِ تي مبصر خان شامل، سيئرز به ٽيم جو حصو |
لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ۾ شامل ٽيم راولپنڊيز آل رائونڊر مبصر خان کي نسيم شاهه جزوي متبادل طور ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو، فرنچائز انتظاميا موجب نسيم شاهه کي ڪراچي ڪنگز خلاف ميچ دوران سائيڊ انجري ٿي هئي، ٽيم جي ڊاڪٽرز سندس صحتيابي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته هو ٽورنامينٽ جي آخري مرحلي ۾ واپسي ڪري سگهي ٿو، حتمي فيصلو فٽنس منظوري بعد ٿيندو. احتياط طور مبصر خان کي نسيم شاهه جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، مبصر خان ان کان اڳ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، جتي هن 14 ميچز ۾ 49 رنز ٺاهيون ۽ 2 وڪيٽون ورتيون هيون.جڏهن ته راولپنڊيز پنهنجي بالنگ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ نيوزيليند جي فاسٽ بالر بين سيئرز کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي، جيڪو نسيم شاهه ۽ زمان خان جي انجري بعد ٽيم جو حصو ٿيو آهي، سيئرز اڍائي ڪروڙ رپين ۾ شامل ڪيو ويو ۽ پي ايس ايل ۾ سندس پهرين ميچ هوندي، زمان خان ٽي ٽوئنٽي ڪپ دوران انجري جو شڪار ٿيو هو، جنهن جي جاءِ تي جلات خان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.