| راولپنڊي: شادي جي خوشي ۾ فائرنگ ڪندڙ ڪنوار گرفتار |
راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي پوليس مندره ٿاڻي جي علائقي گوهڙه ۾ شادي جي تقريب ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙ ڪنوار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب ڪنوار وٽ هٿيار جو لائسنس به نه هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪنوار ثنا کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته گهوٽ شهريار فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب واقعو مندره ٿاڻي ۾ گذريل رات پيش آيو، ڪنوار جي فائرنگ ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنهن کان پوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي ڪيس داخل ڪري پستول ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته گهوٽ ڪنوار کي پسٽل ڏنو، فوٽو گرافر ڊائريڪشن ڏني ۽ ڪنوار فائر ڪيا، ڪنوار به فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ليڊي ڪانسٽيبل سندس ڪوشش کي ناڪام بنائي ڇڏيو. جنهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪنوار جي وارثن ضمانت جي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. واقعي جو ڪيس پوليس جي اي ايس آءِ وسيم اختر جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو