| راولپنڊي کان جيڪب آباد ويندڙ ريل ۾ بجلي بند، مسافر بيحال |
سيٺارجا (ن پ ا) راولپنڊي کان جيڪب آباد لاءِ نڪتل جعفر ايڪسپريس ۾ مبينا طور بجلي جي فراهمي بند ٿيڻ سبب ريل گاڏي ۾ سوار سوين مسافر گرمي ۾ تڙپندا رهيا، ريل گاڏي ۾ سوار سيٺارجا سميت سنڌ جي مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ مسافرن اميد علي سهتو، تنوير، زبير آرائين، عرفان ڀٽي، مقبول احمد ۽ ٻين چيو ته راولپنڊي کان جعفر ايڪسپريس ۾ سوار ٿيا آهيون جنهن ۾ گذريل چئن ڪلاڪن کان اي سي بوگي سميت بزنس ڪلاس جي بجلي بند آهي، جنهن سبب هزارين مسافر سخت گرمي ۾ تڙپي رهيا آهيون. هنن ريلوي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري نوٽيس وٺي ريل گاڏي ۾ بجلي بحال ڪئي وڃي