| راولپنڊي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت راولپنڊي ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آئين جي آرٽيڪل 245 تحت راولپنڊي ۾ فوج مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. هوم ڊپارٽمينٽ لاهور پاران راولپنڊي ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي.نوٽيفڪيشن موجب راولپنڊي ۾ پاڪ فوج جون 3 ڪمپنيون مقرر ڪيون وينديون.پاڪ فوج راولپنڊي جي ضلعي انتظاميا کي سيڪيورٽي جي معاملن ۾ مدد فراهم ڪندي. پاڪ فوج امن ۽ امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ راولپنڊي ۾ مقرر ڪئي پئي وڃي.