| راولپنڊي ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي سميت 3 ڄڻا قتل |
راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جي ٽيڪسلا ٿاڻي جي حد ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي سميت 3 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو، مقتول دانش اڪرم سيما گل سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، قتل ٿي ويلن ۾ دانش جي ڀاڄائي به شامل آهي. جوابدار نجيب الله مقتولين کي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو جنهن کان پوءِ فرار ٿي ويو، آءِ جي پنجاب واقعي جو نوٽيس وٺندي سي پي او راولپنڊي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پسند جي پرڻي واري تڪرار تي ٻن عورتن سميت 3 ڄڻن جي قتل وارو واقعو ٽيڪسلا جي علائقي مشرقي آباد گهٽي نمبر 5 ۾ پيش آيو، پسند جي شادي ڪندڙن ۾ دانش، اڪرم، انهي جي گهر واري سيمه گل ۽ ڀاڄائي شهلا شامل آهن. سي پي او راولپنڊي سيد خالد محمود همداني واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. ايس پي پوٽهوهار کان واقعي جي رپورٽ طلب، ملوث جوابدار کي فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. راولپنڊي پوليس جي ترجمان موجب وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، فرانزڪ ٽيمون واقعي واري هنڌ موجود آهن جڏهن ته وڌيڪ شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن. مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪئي وئي آهي، جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ پوليس ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن.