راڄوخاناڻي ڀرسان ڪتي ڏاڙهيل نينگر زندگي جي جنگ هارائي ويو

راڄوخاناڻي ڀرسان ڪتي ڏاڙهيل نينگر زندگي جي جنگ هارائي ويو

راڄوخاناڻي(رپورٽ: ونود ڪمار اداسي) راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ حاجي محمد علي ڳھلڙو ۾ 40 ڏينهن اڳ ڇتي ۽ رولو ڪتن جو ذاڙھيل 7 سالا معصوم نينگر اجيت ڪمار ڪولھي زندگي جي جنگ ھارائي ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، مڙھ ڳوٺ پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.  راجوخاناڻي ڀرسان اٽڪل سوا مھينو يعني 40 ڏينهن پھرين ماتلي تعلقي جي ڳوٺ حاجي محمد علي ڳھلڙو ۽ ڀر پاسي جي مختلف ڪولھي برادري جي پاڙن ۾ ڇتي ۽ رولو ڪُتي ھڪ مينهن ۽ ھڪ گابي سميت ھڪڙي معصوم نينگر 7 سالا اجيت ڪمار ڪولھي کي منھن ، ٻانھن ۽ جسم جي پنج کان وڌيڪ جڳھن تي چڪ ھڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو ھو ، زخمي نينگر اجيت ڪمار کي علاج واسطي ماتلي تعلقي اسپتال نيو ويو، جتان ھن کي علاج واسطي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو مگر سندس بگڙجندڙ طبيعت سبب کيس علاج لاءِ ڪراچي  اسپتال ريفر ڪيو ويو جتي ھو مسلسل سوا مھينو زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندي نيٺ معصوم نينگر اجيت ڪمار پنھنجي زندگي جي جنگ ھارائي ويو، معصوم نينگر جو مڙھ ڪراچي کان ڳوٺ پھچن تي گھر سميت پوري ڳوٺ ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ کيس سوين الين اکين سان مٽي ماءٌ حوالي ڪيو ويو.