Home » راڄوخاناڻي ۾ نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ جوابدار پوليس هٿان فل فراءِ
راڄوخاناڻي ۾ نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ جوابدار پوليس هٿان فل فراءِ
آگسٽ 17, 2023
راڄوخاناڻي (پنهنجي ڊيسڪ) راڄو خاناڻي ۾ معصوم نينگريءَ کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ جوابدار کي پوليس فُل فراءِ ڪري ڇڏيو
پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڦلڪارا روڊ تي بيهڻ جي اشاري تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، مقابلي دوران ڏوهاري ڪمليش پٽ ڌرمون ڪولهي مارجي ويو
واضح رهي ته 24 ڏينهن اڳ رائچند ڪولهي ۾ 8 ورهين جي نينگري لڇمي ڪولهي کي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، ذريعن موجب پوليس 6 شڪي گرفتار ڪيا هئا، جن مان ڪمليش ڪولهي نينگري سان زيادتي ۽ سندس قتل جو اعتراف ڪيو هو
پوليس جوابدار جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي، پوليس پاران اڄ کيس مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي