راڄو خاناڻي (ن پ ا) راڄوخاناڻي شهر ۾ جھالت کان انڪار ۽ ڪتابن سان پيار جي عنوان هيٺ فرينڊس بڪ فورم جي ڊائريڪٽر محمد رفيع لغاري پاران ٻن
ڏينهن لاءِ “سائين فيض محمد نظاماڻي ڪتابي ميلو” راڄوخاناڻي شھر جي سياسي سماجي، ادبي، مذھبي، سول سوسائٽي جي ماڻهن جي سھڪار سان لڳايو ويو، ڪتابي ميلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ ۽ ٽن ڪتابن جي مصنف خاڪي جاني
شعيب شاد ، مير مرڪ واڍو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مير عاشق ٽالپر، صحافين امداد علي نظاماڻي، امان الله نظاماڻي، حنيف نظاماڻي، مير جنيد ٽالپر، عطر ڪمار آزاد، سفير نظاماڻي شيعا علماءِ ڪائونسل جي محمد حسن جعفري سميت ٻين مختلف شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ ڪتاب خريد ڪيا
انھي موقعي تي ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي مختلف سياسي سماجي ادبي سول سوسائٽي جي ماڻهن چيو ته نج ٻھراڙي جي شھرن ۾ فرينڊس بوڪ فورم پاران ڪتابي ميلو منعقد ڪري سنڌ جي ادب جي خدمت ڪئي پئي وڃي
اھي ڪتابي ميلا شعور سجاڳي جي لاٽ آھن انھي سان ماڻھن ۾ ڪتابن جي مطالعي سان محبت جنم وٺندي ۽ جھالت کان نجات ملندي