راڄوخاناڻي(رپورٽ: ونود ڪمار اداسي) راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ رائچند ڪولھي ۾ 8 سالن جي معصوم ٻارڙي لڇمي سان پيش آيل انسانيت سوز واقعي کانپوءِ راڄوخاناڻي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي
پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي شھزادي نظاماڻي ٻڌايو ته ابتدائي رپورٽ موجب نينگري سان ڏاڍائي ٿي آھي ۽ ڏاڍائي بعد نينگري کي ڇري سان قتل ڪيو ويو آھي
مقتول نينگري جي والد ويرجي ڪولهي صحافين کي ٻڌايو ته نينگري ھڪ ڏينھن اڳ ٻارن سان گڏ راند لاءِ نڪتي جتان ٻارن موجب ڪو نامعلوم شخص شئي وٺي ڏيڻ جو بھانو بڻائي نينگري کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو جنھن کان پوءِ نينگري گم ھئي
هن ٻڌايو ته سڄو ڏينھن ۽ رات ڳولا بعد ٻئي ڏينھن صبح جو لاش گھرن ڀرسان سرپير قبرستان مان مليو آھي، اسان جي ڪنھن سان دشمني ڪانھي اسان سان وڏو قھر ڪيو ويو آھي
واقعي جو اطلاع ملندي ايس ايس پي بدين شاھنواز چاچڙ ، اي ايس پي ماجده ھاليپوٽو ، ڊي ايس پي بدين ذوالفقار قائمخاني، سي آئي اي انچارج بدين محمد رحيم کوسو ، ٽنڊو باگو ، تلھار ، ماتلي ، ٽنڊو غلام علي ، گلاب لغاري سميت پوليس جي وڏي نفري واقعي واري ھنڌ پھچي سڄو ڏينھن انڪوائري ڪري ڪجھه ماڻھن کي شڪ ۾ حراست ۾ ورتو ۽ جاچ ڪئي
لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قھرام مچي ويو مائٽن کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا.واقعي جي ايف آءِ آر رات دير سان راڄوخاناڻي ٿاڻي تي لڇمي جي والد ويرجي ڪولهي جي فرياد تي نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪئي وئي آهي
ٻئي طرف ايس ايس پي بدين شاھنواز چاچڙ جي ھدايتن تي راڄوخاناڻي پوليس ڳوٺ رائچند ڪولھي ۽ ڀرپاسي جي 20 سالن کان 25 سالن جي نوجوان ڇوڪرن جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ سيمپل وٺڻ واسطي راڄوڻاناڻي ٿاڻي تي وٺي آئي آهي جنهن جا سيمپل وٺي ليبارٽري موڪليا يا
نينگري جي ڍائي بعد قتل خلاف سياسي سماجي ڌرين جو مظاهرو
8 سالا نينگري لڇمي کي مبينه ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي، سياسي سماجي اتحاد ۽ ھندو پئنچائت پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو
اڳواڻن مير عاشق حسين ٽالپر ، محمد حسن جعفري ، اسماعيل قمبراڻي ۽ ٻين چيو ته ھي پوري انسانيت جو قتل آھي، لاڙ جي پرامن علائقي ۾ ھن قسم جون وارداتون لڱ ڪانڊاريندڙ آھن جنھن جي مذمت ڪندي اصل جوابدارن جي گرفتاري ۽ عبرت ناڪ سزا جو مطالبو ڪريون ٿا ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
ايس ايس پي بدين، ايس ايچ او راڄوخاناڻي کي معطل ڪري ڇڏيو
ايس ايس پي بدين شاھنواز چاچڙ ايس ايڇ او راڄوخاناڻي غلام سرور کوسو کي معطل ڪري قربان ملاح کي ايس ايڇ او راڄوخاناڻي مقرر ڪيو آھي
نينگري جي قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ٿي سگهي
ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ٿيل 8 سالا معصوم لڇمي ڪولهي واري واقعي جي ايف آئي آر آخري اطلاع تائين داخل ٿي نه سگهي جڏهن ته راڄوخاناڻي جي صحافين پاران بار بار رابطو ڪرڻ باوجود ايس پي بدين ڪو به موقف ڏيڻ يا پريس بريفنگ ڏيڻ گوارا نه سمجهو صحافين سان ڳالهائڻ بنا روانو ٿي ويو
ٻئي طرف پوليس ذريعن اها دعوا ڪئي آهي ته شڪ ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن مان هڪ جوابدار معصوم نيگري لڇمي ڪولهي سان زيادتي ڪرڻ بعد کيس قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي
پوليس ذريعن موجب جوابدار شراب جي نشي جو عادي آهي ۽ شراب جي نشي ۾ اهڙو عمل ڪيو اٿس پر راڄوخاناڻي يا بدين پوليس آفيشلي طور ان جي تصديق نه ڪئي آهي ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته لڇمي جا وارث ان جي تدفين ۾ مصروف آهن جيئن اهي ٿاڻي تي ايندا ان بعد ان جي ايف آءِ آر داخل ڪري پوءِ اسان پنهنجو موقف ڏينداسين
قاتل وحشي کي سرعام عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: نينگري جا والدين
زيادتي بعد بيدرديءَ سان قتل ڪيل 8 سالا معصوم نياڻي لڇمي ڪولھي جي ماءُ ميران ڪولھي، پيءُ ويرجي ڪولهي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سان ظالمن وڏو ظلم ڪيو آهي جنهن وحشي اسان جي معصوم نياڻي سان زيادتي ڪرڻ بعد کيس بيدرديءَ سان قتل ڪيو آهي انھي کي سرعام عبرتناڪ سزا ڏني وڃي