| راڄي خاناڻي ۾ ڪمند سان ڀريل ٽرالي موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي، نوجوان فوت |
راڄوخاناڻي (رپورٽ: ونود ڪمار اداسي) راڄوخاناڻي شھر ۾ حاجي سانوڻ روڊ تي چارڻ اسٽاپ وٽ موٽر سائيڪل تي عورت ۽ ٻارن کي ڳوٺا علاج لاءِ راڄوخاناڻي کڻي ايندڙ ڳوٺ سومار ڀيل جو 20 سالا نوجوان ٻالو ڀيل پٽ رستم ڀيل ڪمند جي ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ھيٺان اچي چيڀاٽجي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏھن ته ساڻس گڏ چڙھيل 9 مھينن جي ڳورهاري عورت سوڍي زال انب ڀيل ڌڪ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي جڏھن ته معصوم ٻارڙا معجزانه طور بچي ويا ۔ پوليس ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي ڪاھي وئي جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو پنھنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو جڏهن ته عيوضي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي جي ڪلينڊر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، فوتي جو لاش گھر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو