راڌڻ جي  سولنگي – بروهي ڌرين جو تڪرار، بٺي  تي حملو، 2 پورهيت قتل، پوليس  مٿان فائرنگ

  راڌڻ جي  سولنگي – بروهي ڌرين جو تڪرار، بٺي  تي حملو، 2 پورهيت قتل، پوليس  مٿان فائرنگ

راڌڻ (رپورٽ اظهر جوڻيجو) راڌڻ جي سولنگي – بروهي ڌرين ۾ ڪجهه مهينا اڳ ٿيندڙ  تڪرار ڀڙڪي پيو، هٿياربندن سرن جي بٺي تي حملو ڪري ٻن پورهيتن کي قتل ڪري ڇڏيو، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا گهرو وزير ضياءَ لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ  جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻن ڄڻن  علي گل سولنگي ۽ صابر سولنگي جي  قتل واري واقعي کانپوءِ ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جيڪا ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهي. زخمين اسد سولنگي، جمن سولنگي ۽ شفيق سولنگي کي راڌڻ اسپتال آندو ويو جتي اسپتال کي تالا لڳل هجڻ سبب ابتدائي طبي امداد ڏيڻ ۾ دير ٿي، بعد ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پهچي اسپتال کوليو ۽ ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد زخمين کي تعلقه اسپتال ميهڙ منتقل ڪيو ويو. مقتولن جا لاش راڌڻ ٿاڻي تان قانوني ڪارروائي بعد لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ميهڙ اسپتال منتقل ڪيا ويا. پوسٽ مارٽم مڪمل ٿيڻ بعد لاش ٻيهر راڌڻ آندا ويا جتي سولنگي برادري جي سوين ماڻهن جي موجودگي ۾ فضا سوڳوار بڻيل رهي.  ٻن ڄڻن جي قتل واقعي کانپوءِ ڌرين ۾ ڇتي فائرنگ سبب لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو ۽ ڏوڪري ويندڙ اهم روڊ مڪمل طور بند ٿي ويو، جنهن ڪري مسافرن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو.اطلاعن موجب پوليس واقعي کان لڳ ڀڳ چار ڪلاڪ دير سان جاءِ واردات تي پهتي، مٿس به فائرنگ ڪئي وئي، جنهن بعد پوليس پٺتي هٽي وئي. پوليس جي موجودگي باوجود ڌريون هڪ ٻئي مٿان ڳرن هٿيارن سان فائرنگ ڪندا رهيا، جيڪا شام تائين جاري رهي.آخري اطلاعن تائين علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاني نقصان جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن گهرو وزير ضياءَ لنجار ٻن ڄڻن جي قتل واقعن جو سخت نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو
 

منهنجو ٻچو بيگناهه هو: امڙ روئيندي رهي، قاتلن کي پاراتا

راڌڻ: واقعي کان پوءِ هڪ مقتول  علي گل سولنگي جي امڙ شڪيلا ۽ ڏاڏي سخان صحافين آڏو سخت احتجاج ڪندي انصاف جي اپيل ڪئي. شڪيلا مسلسل روئيندي رهي قاتلن کي پاراتا ڏنا ويا، سندس چوڻ هو ته پٽ گهر جي مجبوري سبب مزدوري ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ سخت بيمار آهي ۽ گهر جو گذر سفر به مشڪل سان هلي رهيو هو. هن وڌيڪ چيو ته “منهنجو پٽ بيگناهه هو، هن ڪنهن سان به ڪو تڪرار نه ڪيو هو، پوءِ به کيس ظالمانه نموني قتل ڪيو ويو آهي، مون سان انصاف ڪيو وڃي.” مقتول جي ڏاڏي سخان پڻ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي
 

2 ڀيرا ميڙ منٿ قافلو جتوئي ڌر ڏانهن ويو هو، مثبت موٽ نه ملي
 

راڌڻ: ميلي دوران مارجي ويل توفيق جتوئي جي والد عبدالخالق جتوئي ڏانھن ٻه دفعا منٿ ميڙ قافلو پاڪ ڪتاب کڻي ڪري ويا جن ۾ علائقي جا معززين سيد پير سياسي سماجي مذھبي اڳواڻ ۽ سول سوسائٽي شامل ھئي جنھن کي مثبت موٽ نه ملي ٻئي دفعا صلاح مشورو ڪري ورندي ڏيڻ جو چيو ويو‚ مقتول جتوئي ڌر طرفان قافلي ۾ ايندڙن کي تسلي ڏني وئي ته اسان طرفان ڪنھن به قسم جي اڳرائي نه ڪئي ويندي.
 

15 پوليس موبائلون واقعي واري هنڌ پهچي  ويون، جهيڙي تي ڪنٽرول
 

راڌڻ: ڊي ايس پي ميھڙ جي اڳواڻي ۾ مخٿلف ٿاڻن جون 15 کان مٿي موبائيل واقعي واري ھنڌ پھچي ويون،  ايس ايڇ او راڌڻ غلام حيدر چانڊيو ٻڌايو ته وڌيڪ خونريزي کي روڪڻ لاء پوليس واقعي واري ھنڌ پھتي آھي‚ جلد صورتحال تي ڪنٽرول ڪري  وٺنداسين.
 

شهر ۾ خوف وهراس ڇانئجي ويو، ماڻهن گهرن تائين محدود
 

راڌڻ: سولنگي بروھي ڌرين جي تڪرار سبب راڌڻ شھر جي رونق ختم ٿي وئي، بازار ۾ ايندڙ مختلف شھرن ۽ ڳوٺاڻن واقعي بعد پنھنجي گھرن تائين محدود ٿي ويا ۽ علائقي ۾ خوف وهراس واري صورتحال آھي‚ اھڙي صورتحال سبب راڌڻ جي بازار ۾ گراھڪ نه ھجڻ برابر ھيا