راڌڻ جي نوجوان جو قتل ڪيس: بيان قلمبند، جاچ ٽيم جي رپورٽ طلب

راڌڻ جي نوجوان جو قتل ڪيس: بيان قلمبند، جاچ ٽيم جي رپورٽ طلب

راڌڻ (ن پ ا) فوجي جوان طاھر رمضان جوڻيجو جي قتل جو ڪيس اڃا تائين معمو بڻيل آهي. سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ميهڙ جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران فريادي ۽ جوابدار ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي ايس ايس پي دادو پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم جي رپورٽ ۽ مڪمل ميڊيڪل رپورٽ اچڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ۾ يو سي شاهه پنجو جي چيئرمين ڊاڪٽر نعيم الدين سومرو، اڳوڻي ڊي ايس پي غلام محمد سومرو، شفقت کوکر، علي سومرو، ايس ايڇ او رسول بخش پنھور، اي ايس آءِ احمد خان سولنگي ۽ ڪانسٽيبل علي مرتضيٰ مگسي پنهنجن وڪيلن، سان آيا. جڏهن ته فريادي مسمات سونھن جوڻيجو پڻ پنهنجي وڪيل مظهر جوڻيجو سان گڏ عدالت ۾ موجود هئي. فريادي ڌر جي وڪيل مظهر جوڻيجو دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته مقتول طاھر رمضان جوڻيجو کي مبينا طور گهر جي جاءِ تي قبضو ۽ پنج لک روپيا هڙپ ڪرڻ تان قتل ڪيو ويو. وڪيل موجب مقتول جا رت سان رنگيل ڪپڙا مبينا طور اڳوڻي ڊي ايس پي غلام محمد سومرو جي گهر مان پوليس هٿ ڪيا هئا، جڏهن ته تشدد جا ثبوت لڪائڻ يا ختم ڪرڻ لاءِ لاش کي پاڻي ۾ اڇلائڻ جو پڻ الزام آهي. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان واقعي ۾ ملوث آهن.جوابدار ڌر جي وڪيل امتياز پنھور دليل ڏيندي چيو ته فريادي ڪيس ۾ ڪنهن به جوابدار تي سڌي ريت قتل ڪرڻ جو الزام عائد ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته ڪو اکين ڏٺو شاهد پڻ موجود ناهي. سندس موقف هو ته اهڙي صورتحال ۾ جوابدارن خلاف قتل جو الزام ثابت نٿو ٿئي. ٻڌڻي دوران جوابدار علي سومرو عدالت کي بيان ڏنو ته صبح 5:15 وڳي مقتول طاھر، غلام محمد سومرو جي گهر ۾ داخل ٿي ان سان گڏ بستري تي سمهي پيو. سندس دانهن تي گهر وارا جاڳي پيا ۽ کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. علي سومرو موجب، مقتول کي گهر مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش دوران هو ڀڄي ويو. ڌرين جا تفصيلي دليل ٻڌڻ بعد عدالت ايس ايس پي دادو جي جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم جي رپورٽ ۽ مڪمل ميڊيڪل رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت واضح ڪيو ته رپورٽون اچڻ بعد ڪيس بابت قانون موجب وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻڌڻي کانپوءِ مقتول طاھر رمضان جوڻيجو جي بيواهه مسمات سونھن جوڻيجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته، ”منهنجو مڙس قتل ٿي چڪو آهي، قاتلن کي وائکو ڪرڻ عدالت جو ڪم آهي ۽ مان انصاف لاءِ آخري حد تائين وينديس.“