| راڌڻ: ميڙ منٿ قافلو مقتولن جي وارثن وٽ پهتو، پيارن جي قبر اڃا آلي آهي: سولنگي برادري |
راڌڻ (رپورٽ: اظهر جوڻيجو) راڌڻ جي سولنگي جتوئي ۽ بروھي ڌرين جو تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ سياسي سماجي ۽ مقامي اڳواڻن سردار مشتاق سرگاڻي‚سردار منور علي جھتيال‚ ايڊوڪيٽ سلما ڀٽو‚ دودو ديشي، فقير محمد تنيو، لال حسين سرگاڻي، مظھر حسين جھتيال، ڪامريڊ شمس الدين سولنگي، وڏيرو برڪت آڳروسميت سوين ماڻھن ڳوٺ ڪمون ماڇي پھتا جتي سولنگي ڌر جي طارق سولنگي ۽ ٻين آيل قافلي جي آجيان ڪرڻ بعد چيو ته اسان جي ٻنھي مقتولن جي قبر اڃان آلي آھي اسان پر امن آھيون ۽ رھنداسين ڪابه اڳرائي نه ٿيندي، ھوڏانھن قافلو ڳوٺ بھرام بروھي پھتو جتي بروھي ڌر جي حبيب الله بروھي قافلي وارن کي موٽ ڏيندي چيو ته اسان جتوئي ڌر ڏانھن ٻه دفعا منٿ ميڙ کڻي وياسين ھن چيو ته اسان ھاڪاري موٽ ڏيون ٿا، جنھن بعد قافلو ڳوٺ جلال جتوئي ۾ مقتول توفيق جي والد عبدالخالق جتوئي ۽ ممتاز جتوئي وٽ پھتو جنھن چيو ته اسان اڳ ۾ آيل قافلن جي معززين کي سٺي موٽ ڏني ھئي پر اڳ ۾ آيل منٿ ميڙ قافلو جيڪڏھن ان وقت سولنگين ڏانھن وڃي ھان ته وڌيڪ ٻه جانيون ضايع ئي نه ٿين ھا. ان کان اڳ ميڙ منٿ قافلي ۾ شريڪ اڳواڻن ڌرين کي بار بار تڪرار ختم ڪرڻ جو زور ڀريندا رهيا.