| راڌڻ -نئون ڳوٺ روڊ وٽ درويش نوجوان جو پلال مان لاش هٿ |
راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ نئون ڳوٺ روڊ تي 30 ورھين جي نوجوان جو لاش ھٿ آيو‚ پوليس طرفان سندس سڃاڻپ ڳوٺ ڪرڙ کوسو واسي محمد حسن ولد مصري کوسو طور ٿي آھي‚ پوليس موجب سندس ڀاء محمد خان کوسو ٿاڻي تي پھچي ڪري بيان ڏنو آھي ته اسان جو ڀاء درويش صفت انسان ھو گھران نڪري ويندو ھو وري کيس ھٿ ڪري ايندا ھئاسين‚ ڪالھ به گھران نڪري ويو ھو ـ پوليس جو چوڻ ھو ته راڌڻ نئون ڳوٺ روڊ تي قاسم شاھ ٻيلي وٽ روڊ تي پيل پلال ۾ لاش ھٿ آيو جنھن جي جسم تي ڪنھن به قسم جي تشدد جا نشان ناھن نه ئي قتل معلوم ٿئي ٿو‚ ٿڌ لڳڻ سبب موت واقع ٿي سگھي ٿو‚ وارثن طرفان لاش بغير ڪنھن ڪيس داخل ڪرائڻ جي کڻائي ويا آھن