| راڌڻ ۾ انٽرميڊيٽ جي شاگردن کان في اوڳاڙي، اختياريون خاموش |
راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو حڪومت جي مفت تعليم واري حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو يارھين ۽ ٻارھين درجي جي شاگردن کان آن لائين چارجز ۽ بئنڪ چارجز جي مد في ٻار 315، روپيا ورتا پيا وڃن. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻو بورڊ حڪومت جي حڪمن کي پٺي ڏيندي يارھين ۽ ٻارھين درجي جي شاگردن کان آن لائين چارجز جي مد ۾ 200 روپيا ۽ ايزي پئسا چارجز جا 100 روپيا ۽ سروس چارجز جا 15 روپيا في ٻار کان وٺي رھيا آھن. جڏھن ته ھڪ سو روپيا اسڪول جي چارجز رکي وئي آھي جڏھن ته سنڌ حڪومت جي ڪاليجز کاتي طرفان 9 جنوري 2026 تي اھڙو ليٽر پڻ سڀني ڊائريڪٽرز ڏانھن جاري ڪيو ويو آھي ـ جڏھن ته لاڙڪاڻو بورڊ طرفان 19 جنوري 2026 سومر جو ڏينھن آخري تارخ رکي وئي آھي ھوڏانھن نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي شاگردن کان پڻ ساڳي چارجز ورتي وئي ھئي ـ لاڙڪاڻو بورڊ جي اھڙي عمل خلاف شاگرد ۽ والدين سراپا احتجاج آھن.