| راڳي بيدل مسرور جي گهر ڌاڙو هڻندڙ پلاٽ وٺندڙ نڪتو: سوگهو |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سچل واري علائقي ۾ ناليواري راڳي بيدل مسرور جي گھران ٿيل چوري واري معاملي جو ڊراپ سين، بيدل مسرور کان پلاٽ خريد ڪندڙ ئي چوري ۾ ملوث نڪتا. پوليس موجب سچل پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار ڪامران سومرو کي گرفتار ڪري چوري ٿيل 20 لک رپيا ھٿ ڪري ورتا، بقايا رقم هٿ ڪرڻ لاءِ ڪامران جي ننڍي ڀاءُ عمران جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن. هوڏانهن بيدل مسرور موجب مون ڪامران سومرو وارن کي پلاٽ وڪرو ڪيو، هنن مون کي گيهه جي دٻن ۾ 70 لک ڏنا، ڪامران سومرو ۽ سندس ڀائرن گهر ۾ گهڙي اهي پئسا چوري ڪيا، هڪ ڏينهن هڪ دٻو ۽ ٻي ڏينهن ٻيو دٻو چوري ڪيو ويو.