| راڳي بيدل مسرور جي گهر ۾ چوري ۾ بيگناهه ڦاسڻ جو انڪشاف |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي وسندي سچل مان ناليواري راڳي ۽ موسيقار بيدل مسرور جي گھر مان 70 لک جي چوري واري معاملي ۾ وڏو انڪشاف سامھون اچي ويو، بيدل مسرور کي چورن بابت فون ڪال ذريعي آگاھي ڏيندڙ نوجوان رضوان کوکر جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو. جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته منھنجي زال سنڍو عمران سومرو جي گھر رھندي ھئي، رخصتي کانپوءِ اسان عمران سومرو سامھون مسواڙ تي گھر ورتو، منھنجي زال تي عمران وارن 4 لک چوري جو الزام ھنيو، اهي منھنجي گھر وڙھڻ لاءِ به آيا، مهينو اڳ مونکي سوشل ميڊيا تان خبر پئي ته بيدل مسرور جي گهران چوري ٿي آھي، مون عمران سان پلاند جو سوچي بيدل مسرور کي فون ڪري چيو ته توھانجي چوري عمران سومرو وارن ڪئي آھي. ٻئي طرف عمران سومرو موجب اسان تي الزام ھڻندڙ رضوان کوکر منھنجو سنڍو آھي، جنھن خلاف مون سچل ٿاڻي تي درخواست به ڏني هئي، الزام ھڻندڙ شخص سچل ٿاڻي تي گرفتار ٿيل آهي، اسان بي گناھ آھيون، سچل ٿاڻي جي ايس ايچ او ملڪ سليم اسان سان ناجائزي ڪئي آھي. هوڏانهن بيدل مسرور موجب مونکي ڪال آئي ھئي، مون ايس ايچ او ملڪ محمد سليم کي فون ڏنو، فون ڪندڙ شخص پوليس کي چورن بابت ٻڌايو، جن جي نشاندھي تي پوليس ڪاروائي ڪئي.