| راڳ راڻي عابده پروين جي لاڏاڻي جا افواهه: نياڻي پاران ترديد |
ڪراچي/لاهور (اسٽاف رپورٽر/مانيٽرنگ ڊيسڪ) موسيقي جي دنيا جي ليجنڊ عابده پروين جي لاڏاڻي جا افواهه: عابده جي نياڻي پاران ترديد، ان ڏس ۾ عابده پروين جي نياڻي اهڙين افواهن کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته سندس امڙ مڪمل طور خيريت سان ۽ صحتمند آهي، هن وضاحت ڪندي چيو ته لاهور جي دلگران چوڪ ۾ عابده پروين نالي عورت لاڏاڻو ڪري وئي هئي، جنهن سبب اها غلط فهمي پيدا ٿي، هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي افواهن تي يقين نه ڪن، هوڏانهن ثقافت واري وزير ذوالفقار شاهه چيو آهي ته گلوڪاره عابده پروين مڪمل طور صحتمند آهي، منهنجو عابده پروين سان فون تي رابطو ٿيو، مون سندس صحت بابت پڇا ڪئي، جنهن تي عابده پروين ٻڌايو ته هوءَ مڪمل طور صحتمند آهي.