راڻيپور (رپورٽر) راڻيپور جو هڪ ٻيو پير سام طور ڏنل ناري کي مبينا گُم ڪرڻ جي معاملي ۾ گرفتار ٿي ويو
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي پير محفوظ عرف سهيل شاهه کي پُڇاڳاڇا لاءِ گهرائڻ بعد گرفتار ڪرائي ڇڏيو
ڊي آءِ جي سکر چيو آهي ته قمبر جي رهواسڻ ناري ثنا جي گُم ٿيڻ واري معاملي کي به ڏسي رهيا آهيون، ناري جي والد جي فرياد تي اڄ ڪيس داخل ڪيو ويندو
گذريل ڏينهن قمبر ويجهو ڳوٺ ميڻا جي رهواسڻ ناري ثنا جي والد ديدار گرماڻي جو چوڻ هو ته مون پنهنجي 20 سالن جي ڌي ثنا جي پنهنجي ڀاڻج سان شادي ڪرائي هئي، شادي جي 7 مهينن بعد زال مڙس ۾ اختلافن سبب منهنجي زال ڌي ثنا کي راڻيپور جي حويلي ۾ پير وٽ ڇڏي آئي ته توهان سندس مڙس کي گهرائي هدايت ڪري ٻنهي کي ٺاهيو
اسان ڪجهه ڏينهن بعد ڇوڪري وٺڻ وياسين ته هنن چيو ته مسئلو حل ڪري توهان کي ڇوڪري ڏينداسين، بعد ۾ چيو ته ڇوڪري اسان وٽان هلي وئي آھي، 2 سال گذري ويا پر منهنجي ڌي ثنا جي خبر پئجي نه سگهي آھي
ناري ثنا جي والد ديدار جو چوڻ آھي ته اسان پيڙھين کان راڻيپور جي پيرن جا مريد آھيون، هاڻي معصوم فاطمه جي واقعي بعد اسان کي انهن جي پرڪارن جي خبر پئي آھي، خدشو آھي ته منهنجي ڌي ثنا کي به هنن گم ڪري يا ماري ڇڏيو آھي
هن ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته منهنجي نوجوان ڌي ثنا به حويلي مان پيرن گم ڪئي آھي جنهن جي جاچ ڪري ڌي کي واپس ڪرايو وڃي
هوڏانهن ملازمه نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار حنا شاهه کي پرڏيهه فرار ٿيڻ کان روڪڻ جون تياريون ڪيون ويون
ايس ايس پي خيرپور پير اسد شاهه جي زال جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، ڊي آءِ جي سکر کي لکيل خط ۾ ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو چيو ته حنا شاهه جي پرڏيهه فرار ٿيڻ جا افواهه هلي رهيا آهن، ايف آءِ اي کي خط لکي کيس پرڏيهه فرار ٿيڻ کان روڪيو وڃي