سکر/ڪراچي (بيورورپورٽ+ م ڊ ) ڊي آءِ جي سکر خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نينگري فاطمه جو طبعي موت ٿيو يا قتل ٿي، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ خبر پوندي
هن جو چوڻ هو ته ڪوشش هوندي ته ڪو بيگناهه نه ڦاسي ۽ ڪو گنهگار قانون جي پڪڙ کان نه بچي سگهندو، وڊيو جي فارنزڪ ڪرائي ويندي ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل الزام هيٺ آيل ڌر جي گهر جي آهي يا نه وڊيو سي سي ٽي وي جي آهي يا موبائل ذريعي ٺاهي وئي اڃا ان ڳالهه جو پتو ناهي پئجي سگهيو
ڊي آءِ جي سوال اٿاريندي چيو ته سي سي ٽي وي ڪمري ۾ ڪيئن هوندي، يا بنگلي مان سي سي ٽي وي ٻاهر ڪيئن پهتي، يا موبائل تي وڊيو ڀرڻ ڇو ڏني وئي اهي وڏا سوال آهن
ٻئي طرف ڊي آءِ جي جي ترجمان چيو آهي ته ڊي آءِ جي سکر جي حڪم تي ايس ايچ او راڻيپور، سندس ٽيم ۽ ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي