راڻيپور جي حويلي جا وڌيڪ راز فاش: تشدد جو شڪار هڪ ٻي نينگري به سامهون

آگسٽ 18, 2023

ڪراچي/راڻيپور/سکر/خانواهڻ (نمائندن وٽان) ”راڻيپور جي حويليءَ جا وڌيڪ راز فاش ٿي ويا” ساڳي حويلي ۾ اڍائي سالن تائين ڪم ڪندڙ معصوم فاطمه جي سڳي سئوٽ اجالا جي ڪهاڻي به سامهون اچي وئي

 ان ڏس ۾  فوت ٿي ويل نينگري فاطمه جي سڳي سئوٽ اجالا ڦرڙوسنڌ سهائي آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو سان ايڊووڪيٽ فرزانه کوسو جي موجودگي ۾ ڳالهائيندي الزام مڙهيو ته بي بي حنا شاهه کيس گهُٽا ڏيندي هئي، وائپر سان تشدد ٿيڻ سان گڏ وار به پٽيندي هئي، لتن مڪن ذريعي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو رهيو، روزانو 20 ڪلاڪ ڪم ڪرائيندي هئي

سندس چوڻ هو ته منهنجي مٿان گرم پاڻي هاريو ويو، گرم پاڻي هارڻ بعد منهنجو سمورو جسم باهه ٿي ويو ۽ حنا بي بي مونکي چيو ته صبح ٻيهر تشدد ڪنديس

هن چيو ته حنا شاهه منهنجي مٿان فنائل جي پوري بوتل هاري ڇڏي هئي، 20 ڪلاڪ ڪم پڻ ڪرائيندي هئي،گهر ۾ ڪيمرائون هجڻ ڪري اسان   پنھنجي گهر وارن کي ڪجهه به ٻڌائي نه سگهياسين

اجالا ڦرڙو ٻڌايو ته آخر تنگ ٿي وجھه وٺي  حويلي مان فرار ٿي آئي آهيان،  ٻيهر موڪليو ويو ته مان خودڪشي ڪنديس

Leave A Comment