ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) راڻيپور جي حويلي مان گم ڄاڻايل قمبر واسڻ ناري جي معاملي ۾ نئون موڙ اچي ويو، ناري جي والده پيرن جي حق ۾ بيان ڏئي ڇڏيو
قمبر جي ڳوٺ ميڻا جي رهواسڻ ناري ثنا جي امڙ ارشاد بيگم چيو آهي ته ثنا پنهنجي پيءُ ديدار ۽ مڙس جي ظلمن کان تنگ اچي پيرن جي حويلي وئي هئي
هن چيو ته ثنا پيرن جي حويلي مان پنهنجي مرضيءَ سان نڪري وئي آهي، منهنجي ڌيءَ جي گمشدگي ۾ منهنجو يا پيرن جو ڪو به هٿ نه آهي
واضح رهي ته 3 ڏينهن اڳ ثنا جي والد ديدار گراماڻي راڻيپور جي پير محفوظ عرف سهيل شاهه خلاف ڌيءُ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو، ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي سهيل شاهه کي ڳالهين لاءِ گهرائڻ بعد گرفتار ڪرايو هو
جڏهن ته ديدار گراماڻي ڌيءَ جي قتل جو خدشو به ظاهر ڪيو هو، ناري ثناءَ جي گمشدگي جي معاملي تي نگران وڏي وزير به نوٽيس ورتو هو