راڻيپور جي حويلي ۾ فوت ٿيل ٻارڙي جي قبر ڪشائي، لاش جا جزا ورتا ويا: پير ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائين ٿا: والدين

آگسٽ 19, 2023

خانواهڻ (پنهنجي ڊيسڪ) راڻيپور جي حويليءَ ۾ مبينا طور تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قبر ڪشائي ڪري لاش جا جزا ورتا ويا

عدالتي حڪم تحت ڪنڊيارو جي ميجسٽريٽ جي نگراني ۾ 6  رڪني ميڊيڪل بورڊ خانواهڻ جي ڳوٺ علي محمد ڦرڙو پهتو

پي ايم سي نوابشاهه جي ايم ايس جي اڳواڻيءَ ۾ 6 رڪني ميڊيڪل بورڊ قبر ڪشائي بعد ٻارڙي فاطمه جي لاش جا جزا ورتا

پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد ٻارڙيءَ جو لاش ٻيهر دفنايو ويو، ميڊيڪل بورڊ جو چوڻ آهي ته لاش جا جزا فارنزڪ چڪاس لاءِ روهڙي ليبارٽري اماڻيا ويندا

ميڊيڪل بورڊ چيو ته فارنزڪ رپورٽ اچڻ کانپوءِ ٻارڙيءَ جي موت جي ڪارڻن جي خبر پئجي سگهندي

ٻئي طرف معصوم فاطمه جي والدين چيو آهي ته جوابدار ڌيءُ جي قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، اسان جي نياڻيءَ جي خون سان انصاف ڪيو

پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين ي مهرين ڀٽو معصوم ٻارڙي فاطمه جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي

ان موقعي تي معصوم فاطمه جي  والدين اڳوڻي ايم اين اي مهرين ڀٽو آڏو دانهون ڪندي ٻڌايو ته اسان مٿان ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي

مهرين ڀٽو چيو ته فاطمه تي ظلم ڪندڙ ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن قانون جي پڪڙ ۾ ضرور ايندا، پيپلزپارٽي ۾ اهڙو ڪو به ماڻهو ناهي جيڪو ظالمن جي حمايت ڪندو، فاطمه جي وارثن کي تحفظ ڏنو ويندو ۽ ظلم ڪندڙ قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهندا

Leave A Comment