پير ڳوٺ جي پير لالڻ شاهه پاران اقصيٰ چانڊيو جي گمشدگي ۽ ڀيڻ نعيمه شاهه سان لاتعلقي جو اعلان: وڊيو بيان جاري ڪري ڇڏيو

سيپٽمبر 27, 2023

پيرڳوٺ (رپورٽر)پير ڳوٺ جي پير لالڻ شاهه نوجوان ناري اقصيٰ چانڊيو جي گمشدگي ۽ پنهنجي ڀيڻ نعيمه شاهه سان لاتعلقيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پنهنجي وڊيو بيان ۾ لالڻ شاهه چيو آهي ته آئون پير پاڳاري جو سئوٽ آهيان، ٻارڙي اقصيٰ جي گمشدگي سان پير پاڳاري جي درگاهه يا منهنجو ڪو به تعلق نه آهي

سندس چوڻ هو ته منهنجو پنهنجي ڀيڻ نعيمه شاهه سان ڪو به تعلق نه آهي، اقصيٰ چانڊيو اياز چانڊيو جيان منهنجي به نياڻي آهي

ٻئي طرف پيرڳوٺ واسڻ ناري اقصيٰ چانڊيو جي والد اياز چانڊيو جو چوڻ آهي ته ڌيءُ جو پتو لڳائڻ لاءِ اسان زال مڙس بنگلي تي وياسين ته نعيمه شاهه اسان کي ڪمري ۾ واڙي ڇڏيو

هنن الزام هنيو ته نعيمه شاهه ٻن ڏينهن تائين بکيو ۽ اڃيو رکيو ويو، سندس ڀاءُ لالڻ شاهه تسلي ڏيڻ بدران قتل جون ڌمڪيون ڏنيون

هوڏانهن ڪراچي جي درخشان ٿاڻي جي پوليس واقعي جو گذريل ڏينهن اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو

Leave A Comment