راڻيپور واسي 2 نوجوان بازياب
جُون 18, 2025
راڻيپور ( پنهنجي ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ مان 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل راڻيپور واسي 2 نوجوان بازياب،پوليس ڪچي ۾ ڪارروائي ڪري مزمل شاهاڻي ۽ ماجد پنهيار کي بازياب ڪرائي ورتو آهي،علائقي ۾ ٻنهي نوجوانن کي ڀُنگ ڀري آزاد ڪرائڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن، جڏهن ته مغوي مزمل شاهاڻي جي وارثن جو چوڻ هو ته پوليس ڪچي ۾ ڪارروائي ڪري ٻنهي کي بازياب ڪرائي ورتوآهي .