راڻيپور واسي 2 ڄڻا اغوا، 50 لک ڀنگ طلب

جُون 17, 2025

راڻيپور ( پنهنجي ڊيسڪ ) ٽي ڏينهن اڳ فيس بڪ جي دوستي تي شادي جي دعوت تي ويل  راڻيپور واسي نوجوان مزمل شاهاڻي ۽ ماجد پنهيار  کي  ڪنڌڪوٽ کان کنڀي اغوا ڪيو ويو آهي ،ڌاڙيلن پاران ماجد پنھيار جي بازيابي جو 50لک ڀنگ طلب ڪري ورتو آهي، ماجد پنهيار جي امڙ غلام صغرا پنھيار  قرآن پاڪ هٿن ۾کڻي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته منھنجي پٽ جي بازيابي لا۽ ڌاڙيلن 50 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون،اسان کي پنھنجي جڳهه به ناھي  مسواڙ تي رھندا آھيون، مزدوري ڪري پيٽ پاليندا آهيون پنجاھ لک رپيا ڪاڏانهن آڻيندا سين، هنن، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي  لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ کي اپيل ڪندي گهر ڪئي آهي ته قرآن پاڪ جي صدقي مون کي منھنجو پنهنجو ٻچڙو بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل