| راڻيپور ويجھو گهرو معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل |
گمبٽ (ن پ ا) راڻيپور لڳ ڳوٺ سنڊو سولنگي ۾ گهرو معاملي تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، وارٿن پاران فائرنگ ۾ مارجي ويل منصور سولنگي ولد ارشاد سولنگي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف وارثن ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي ئي سئوٽن سان تڪرار هلندڙ هيو، ٻه ڏيهن اڳ منصور موڪل تي آيل هيو، جهيڙي دوران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حاضر سروس هجڻ ڪري سندس قتل جو اطلاع ريجمينٽ ۾ ڏنو ويو آهي.