راڻيپور ڀرسان واطڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ويڙهه، فائرنگ، نوجوان قتل
مارچ 8, 2025
راڻيپور: راڻيپور ڀرسان واطڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ويڙهه، فائرنگ، نوجوان قتل، ڳوٺ وڏا واطڻي ۾ پراڻو خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب ملوڪ واطڻي ٿڏي تي مارجي ويو، اطلاع ملڻ تي راڻيپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي، ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ هو، جنھن ۾ ملوڪ واطڻي مارجي ويو آھي، جلد ملوث جوابدار گرفتار ڪيا ويندا، پوليس چيو ته ملوڪ واطڻي مٿان برادري جي قتل ايف آءِ آر سميت پوليس مقابلن ۽ قتلن جا ڪيترائي ڪيس پڻ داخل آھن.