راڻيپور ۾ موبائل شاپ مان ڌاڙي خلاف شٽربند هڙتال، دڪاندارن پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو

راڻيپور ۾ موبائل شاپ مان ڌاڙي خلاف شٽربند هڙتال، دڪاندارن پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو

راڻيپور (ن پ ا)  راڻيپور ۾ موبائل شاپ مان لکين رپين جي لڳل ڌاڙي ۽ بدامني  خلاف دستگير موبائل ايسوسئيشن جي سڏ تي شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، موبائل مارڪيٽ مڪمل طور بند رکي دڪاندارن احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، موبائل جي دڪاندار  اشفاق منگي جي دڪان مان ڌاڙو لڳو هو، موبائل مارڪيٽ صدر اسد راڄپر، جنرل سيڪريٽري جميل شيخ، عمران پيرزاده، نياز ميمڻ اشفاق منگي چيو ته موبائل مارڪيٽ غير محفوظ بڻجي وئي آهي، دڪاندارن کان لکين رپين جون ڦرون ٿي رهيون آهن پر پوليس ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهي آهي، گذريل رات هٿياربندن پاران اشفاق منگي ۽ ان جي ڀائرن کي يرغمال بڻائي 2 لک روڪ ۽  موبائلون  ڦر ڪري ويا آھن، ڪاروبار به نٿا ڪري سگهون، هنن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل پئسا ۽ سامان واپس ڏياريو وڃي.