| راڻيپو: جوڻيجا ڌرين ۾ ٻئي ڏينهن به ڇڪتاڻ: زخمي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو: انگ 5 ٿي ويو |
راڻيپور (رپورٽ: رضا راڄپر) راڻيپور ڀرسان ڳوٺ وريو واهڻ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻئي ڏينهن به ڇڪتاڻ برقرار، وڌيڪ هڪ زخمي سهيل شاھاڻي دم ڏئي ڇڏيو، مارجي ويلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو، گذريل ڏينهن گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل سھيل شاھاڻي اسپتال ۾ دم ڏنو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، هڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ وريو واهڻ ۾ عجب جوڻيجو ۽ ٺريو جوڻيجو ڌرين ۾ وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو، سائين داد جوڻيجو، لال خان جوڻيجو، پيار علي سرڪي ۽ سندس ڀاءُ نعمان سرڪي مارجي ويا هئا، ٻن ڀائرن کي يرغمال بڻائڻ واري وڊيو به سامهون آئي هئي، ٻنهي ڌرين ۾ 30سال اڳ زمين جي معاملي تان تڪرار شروع ٿيو هو، ٻنهي ڌرين جا 20 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا، هڪ مهينو اڳ معظم عباسي ۽ معشوق علي شاهه جي سرپئنچي هيٺ ڌرين وچ ۾ تڪرار جو نبيرو به ٿيو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهيو ويو آهي، 20 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدارن جا ڪرين مشين ذريعي گهر به ڊاهي پٽ ڪيا ويا آھن.