| ربيڪا خان ۽ حسين ترين جي شادي جون تصويرون رليز |
ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني مزاحيه اداڪار ڪاشف خان جي لاڏلي ڪڪي ۽ مشهور سوشل ميڊيا انفلوئنسر ربيڪا خان ۽ حسين ترين پنهنجي شادي جون تصويرون رليز ڪري ڇڏيون، جون مهيني ۾ نڪاح ڪندڙ جوڙي جو وليمو گذريل ڏينهن ڪراچي م ٿيو، انسٽاگرام تي 6.3 ملين ۽ يوٽيوب تي 3 ملين کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ ربيڪا کي روايتي ڳاڙهو لِهنگو ۽ انارڪلي انداز جي شرٽ پهريل هئي، شاندار زيور ۽ هلڪي ميڪ اپ ڪنوار جي روپ ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جڏهن ته گهوٽ حسين ترين کي آف وائيٽ شيرواني ۽ تري وارو پٽڪو پاتل هو