رتوديرو خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ عورت فوت، ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام

جُولاءِ 6, 2023

رتوديرو (رپورٽر) رتيديري ۾ خانگي ميڊيڪل سينٽر تي عورت فوت ٿي وئي، وارثن ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام هنيو آهي

 فوتي عورت منيران جي مڙس رمضان جلباڻي ۽ سندس وارث لاش کڻي رتوديرو پريس ڪلب پهتا جتي فوتي عورت جي مڙس دانهيندي چيو ته منهنجي زال جي پيٽ اندر ٻار مري ويو هو جنهن جي نيڪال لاءِ اسان ڊاڪٽرياڻي وٽ خانگي ميڊيڪل تي وياسين

هن چيو ته ڊاڪٽرياڻي اڳواٽ 15 هزار جمع ڪرائڻ لاءِ چيو جيڪي اسان جمع ڪرايا بعد ۾ ڊاڪٽرياڻي دلجاءِ ڏيندي چيو ته علاج ذريعي ٺيڪ ٿي ويندي پر منهنجي گهر واريءَ جي حالت تمام خراب ٿي وئي پوءِ به ڊاڪٽرياڻي ٻي اسپتال منتقل ڪرڻ نه ڏني

هن الزام هنيو ته منهنجي گهر واري سينٽر اندر فوت ٿي وئي ته پوءِ ڊاڪٽرياڻي چيو ته هن کي سرڪاري اسپتال کڻي وڃو، سرڪاري اسپتال پهتاسين ته اتي موجود ڊاڪٽرياڻي چيو ته عورت ٻه ڪلاڪ اڳ فوت ٿي چڪي آهي

هوڏانهن فوتي عورت جي مڙس جي فرياد تي رتوديرو ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي وئي آهي

Leave A Comment