رتوديرو: نينگر جي قتل ڪيس جي جاچ مڪمل: پوليس رپورٽ پڌري نه ڪئي 

رتوديرو: نينگر جي قتل ڪيس جي جاچ مڪمل: پوليس رپورٽ پڌري نه ڪئي 

رتوديرو (ن پ ا) رتيديري جي شاهه لطيف پبلڪ پارڪ جي رهواسي خانگي ٽي وي جي ڪيمرا مين فاروق حاجاڻو جي معصوم پٽ 3 ورهين جي حسنين جي خون سان 8 مهينن جو ڊگهو عرصو گذرڻ بعد به انصاف نه ٿي سگهيو، مبينا اغوا بعد قتل ٿيل نينگر واري واقعي بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران ڊي ايس پي سعد جبارجي نگراني ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي هئي، جنهن ۾  انسپيڪٽر عبدالغفور ڇٽو ۽ انسپيڪٽر فهيم ڦلپوٽو ميمبر طور شامل هئا، جاچ ڪاميٽي 8 مهينن جو ڊگهو عرصو گذرڻ باوجود ڪا اڳڀرائي نه ڪري سگهي، نه وري جاچ رپورٽ منظر عام تي آڻي سگهي، ياد رهي ته حسنين حاجاڻو جو مبينا اغوا بعد قتل جو ڪيس سندس والد فاروق حاجاڻو جي فرياد تي رتيديري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ نينگر محمد حسن عرف سڄڻ سندس جو والد الطاف حسين دايو ۽ زال شامل هئا، ڪيس لاڙڪاڻي جي سيشن ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي جنهن مان مذڪوره جوابدار ضمانت تي آزاد ٿيل آھن. جاچ رپورٽ بابت تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ جي آءِ ٽي سربراهه ۽  ان وقت جي ڊي ايس پي سعد جبار موجب ته اسان رپورٽ رتوديرو جي اي ايس پي حوالي ڪري ڇڏي آھي، هاڻي ان معاملي کي اهو ڏسي رهيو آھي، جڏهن ته اي ايس پي سيد حيدر علي شاهه کان ان حوالي سان موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته مان موڪل تي وڃي رهيو آھيان، موقف ڏيڻ کان لنوائي ويو.  ٻي طرف نينگر حسنين جي والد فاروق حاجاڻو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجي معصوم پٽ جي درد ناڪ موت بعد تڪ جي ايم پي اي فريال ٽالپر ۽ ٻيا اڳواڻ تعزيت لاءِ آيا هئا جن مون کي نوڪري وٺي ڏيڻ ۽ مالي امداد ڏيڻ جا اعلان ڪيا پر اهي اعلان سکڻا ئي رهجي ويا. هن وقت تائين وري ڪنهن به سار ڪونه لڌي آهي. پوليس به اڃا تائين ڪجهه نه ڪري سگهي آهي.