رتوديرو(ن پ و) رتيديري وچ شھر ۾ ھٿياربندن گوليون ھڻي پنهنجي ئي برادري جي موجوان عورت کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا
شهر جي مک بازار آزاد ميدان ويجهو ھٿياربندن فائرنگ ڪري گوليون ھڻي 28 ورھين جي سنڌو زال گل محمد بروھي کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتولا جو لاش پوليس رتوديرو تعلقي اسپتال کڻائي آئي جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو
ان سلسلي ۾ مقتولا جي امڙ گلشن کوکر ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ جي شادي 11 سال اڳ گل محمد بروھي سان ٿيل ھئي جيڪا 3 ٻارڙن جي ماءُ پڻ ھئي اڄ ھو بازار ۾ خريداري لاءِ ويل ھئي جتي اسان جي مائٽ پيربخش کوکر ۽ ان جي 3 نامعلوم ساٿين گوليون ھڻي منهنجي ڌيءَ کي بيگناھ قتل ڪيو آھي
ھن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ڊي ايس پي رتوديرو کي اپيل ڪئي آھي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، جڏھن تہ جوابدار واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿي ويا آھن