رتوديرو (ن پ ا) رتيديري ۾ قمبر ناڪو واسي پيرسن عورت پٽن سميت وياجين جي آزار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو
ان موقعي تي شاھدهه ڀٽو چيو ته وياجين شادو جلباڻي، ارشاد لولائي ۽ امير جويو ڪجھه سال اڳ منهنجي پٽ سجاد کي 5 لک روپيا وياج تي ڏنا هئا
اسان پنهنجي گهر جي جڳھه وڪرو ڪري وياجين کي 5 لکن روپين تي 15 لک روپيا ڀري ڏنا آھن پر پوءِ به ھي اسان جي جان نٿا ڇڏين، در تي اچي گارگند ڪن ٿا، جنهن ڪري جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي
هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي وياجين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي