رتو ديرو ڀرسان گوليون هڻي ناري قتل

جُون 21, 2025

رتوديرو (پنهنجي ڊيسڪ ) رتوديرو ڀرسان لاشاري ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ بودو جتوئي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 18 ورهين جي نوجوان ناري فرزانه ڌيءُ سڪندر جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو اهڙو اطلاع ملڻ تي حد واري ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو کڻائي آئي جتان ضروري ڪارروائي پوري ٿيڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو واقعي سبب ناري جي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.

 ان سلسلي ۾ مقتولا ناري جي والد سڪندر جتوئي ٻڌايو ته اسان ڪيترن ئي ورهين کان لاڙڪاڻو جي حسيني پاڙي ۾ رهندا آهيون ڳوٺ ۾ منهنجي ڀاڻيجي جي شادي هئي جنهن ۾ شرڪت لاءِ منهنجون ڌيئر آيل هيون شادي جون تقريبون ختم ٿيڻ بعد منهنجي ڌيءُ پنهنجي چاچي جي گهر ستل هئي جتي کيس منهنجي ڀاءُ قربان ان جي پٽ عرفان ، اسحاق ۽ ٻن نامعلوم هٿياربندن بيگناهه منهنجي ننڊ پيل ڌيءُ مٿان فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.

منهنجي ڌيءُ کي ناحق قتل ڪري مون سان ظلم ڪيو ويو آهي مقتولا ناري جي والد ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو آهي ته منهنجي ڌيءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

 هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي لاشاري ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو ناري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو جڏهن ته حد واري ٿاڻي تي واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي ڪونه سگهيو هيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌڙي ڀرسان نوجوان مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

  • ڏاهلي ڀرسان حادثو، هڪ فوت، 2 ڄڻا زخمي

  • ڀرياروڊ ريلوي اسٽيشن ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ

  • جھول ڀرسان تيز رفتار ڪار نينگري کي ٽڪر ۾ نينگري چيڀاٽجي فوت