رتو ديرو: چئن کٿابين سان مبينا جنسي زيادتي جوانڪشاف
جُولاءِ 3, 2025
رتوديرو ( پنهنجي ڊيسڪ )رتوديرو ڀرسان ڳوٺ گل محمد سيال جي رهواسي مدرسي جي چئن طالب علم ٻن يتيم ڀائرن حماد الله، حسيب الله ۽ سندن جي سوٽن فهيم پٽ عبدالحليم ۽ عطاءَ الرحمٰن پٽ عبدالحڪيم سيال سان لکي تعلقي جي مدرسي ۾ تشدد ۽ جنسي زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾مدرسي جي شاگردن جي چاچي عبدالحڪيم سيال ٻڌايو ته لکي غلام شاهه لڳ ڳوٺ هاليپوٽا جي مدرسي ۾ پڙهائيندڙ مولوي امداد الله ميکو کي اسان چار ٻار ديني تعليم ڏيارڻ لاءِ ڏنا هئا، هن الزام هڻندي چيو ته ڪجهه وقت بعد اسان جا ٻار اوچتو ڳوٺ پهتا، جن مٿان تشدد ٿيل هو، ٽن ڄڻن جون ٻانهون ڀڳل هيون ۽ هڪ ڄڻي جي اک ضايع ٿيل ۽ جسم تي تشدد جا نشان هئا، مولوي جي مبينا تشدد ۽ زيادتي جو نشانو بڻيل متاثر ٻارن جو چوڻ هو ته اسان کان استاد زمين تي ڪم ڪرائيندو هو ۽ رات جو رسن سان ٻڌي ڇڏيندو هو ۽ جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندو هو، هن جي جنسي خواهش پوري ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي هو اسان کي رسن سان ٻڌي مارڪٽ ڪندو هو، اسان ان کان بيزار ٿي هڪ ڏينهن وجهه وٺي ڀڄي اچي پنهنجي ڳوٺ پهچي پنهنجي گهروارن کي سڄي وارتا ٻڌائي، ٻارن جي وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور، لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آهي ته مولوي مٿان قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.