| رتيديري مان اغوا ٿيل معصوم نينگر گھٽا ڏئي بيدردي سان قتل، سم نالي مان لاش هٿ |
رتوديرو(ن پ ا) رتيديري جي شاهه لطيف پبلڪ پارڪ مان 4 ڏينھن اڳ اغوا ٿيل خانگي ٽي وي جي ڪيمرامين فاروق حاجاڻو جي 3 ورهين جي معصوم نينگر حسنين حاجاڻو جو نادر شاھج پاڙي ۾ سم نالي مان لاش ھٿ آيو آهيم پوليس لاش تعلقه اسپتال کڻائي آئي جنهن بعد صحافي ۽ نينگر جا وارث اسپتال پهچي ويام جتي وارثن نينگر جي سڃاڻپ ڪئي. اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي بعد مڙه نينگر جي وارثن حوالي ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر شاهه حسين شاه ٻڌايو ته ابتدائي رپورٽ مطابق نينگر کي گھٽا ڏئي تشدد ڪيو ويو آهي. نينگر جو لاش ڏسي سندس جي گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دؤرا پئجي ويا، نينگر جو مڙه گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو جڏهن ته معصوم نينگر جي لاش ملڻ واري واقعي بعد شهرين ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي شهر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو آهي، سنڌ ترقي پسند پارٽي ٖ جيئي سنڌ قومي محاذ جميعت علماءِ اسلام ٖ سول سوسائٽي ۽ سوشل ورڪرس سميت هر مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهو ۽ وڏي انگ ۾ شهري معصوم جي تڏي تي پهتا ان سلسلي ۾ نينگر جي چاچي رحمدل حاجاڻو جو چوڻ هيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب اسان کي پنهنجي نينگر جو لاش مليو آهي، جيڪڏهن پوليس بروقت ڪارروائي ڪري ها ته هي ايڏو سانحو نه ٿئي ها اسان جي معصوم جگر جي ٽڪر کي اغوا ڪرڻ بعد بيدردي سان قتل ڪري ان جو لاش گندي نالي ۾ ڦٽو ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آهي. ظالمن اسان سان وڏو ناحق ڪيو آهي. معصوم ٻار هنن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو جو ان سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ويو. اسان غريب ماڻهو آهيون. هن ڏاڍ جي دانهن الله جي بارگاه ۾ آهي، جيڪو ظالمن کان حساب وٺي فيصلو ڪندو. هوڏانهن معصوم نينگر جي جنازي نماز شاه لطيف پبلڪ پارڪ ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس سوين آلين اکين سان مبارڪ شاهه جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
| واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ: وارثن پاران لاش رکي ٿاڻي آڏو ڌرڻو |
رتوديرو: معصوم نينگر حسنين حاجاڻو جو لاش رتوديرو ٿاڻي اڳيان رکي صحافين ٖ سياسيٖ سماجي تنظمين ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن علي اصغر نوناري ٖ پهلوان جويو ٖ مومن سمون ٖ اختر بليدي ٖ مولانا طارق سومرو ۽ ٻين چيو ته معصوم نينگر جو ائين بيدردي سان قتل ٿيڻ واري واقعي سبب شهرين ۾ سخت ڏک ڇانيل آهي. هن واقعي سبب شهر ۾ خوف واري صورتحال آهي، هنن چيو ته پهرين ڏينهن کان وٺي پوليس کان شهري اهو مطالبو ڪري رهيا هئا ته نينگر جي اغوا واقعي کي سنجينده وٺي کيس اغوا ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائيون ڪيون وڃن، پر پوليس پنهنجي روايتي سستي برقرار رکي جنهن جي نتيجي ۾ نينگر جو لاش مليو هنن وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته مامري جو سخت نوٽيس وٺي نينگر جي قتل ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري جلد منظر عام تي آندو وڃي.
ايس ايس پي لاڙڪاڻو 48 ڪلاڪن ۾ نينگر بازياب ڪرائڻ جو يقين ڏياريو پر ٻالڪ جو لاش مليو
رتوديرو: نينگر جي بازيابي لاءِ احتجاج به ڪيا ويا گذريل ڏينهن به نينگر جي بازيابي لاءِ رتوديرو- نئون ديرو باءِ پاس تي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو هيو، جتي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري کين يقين ڏياريو هيو ته 48 ڪلاڪن ۾ نينگر کي بازياب ڪرايو ويندو، پر 48 ڪلاڪن کان اڳ نينگر جي وارثن کي ان جو لاش مليو.