| رتيديري ويجھو پسند شادي تڪرار تان هٿياربندن نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو |
رتوديرو (ن پ ا) رتيديري لڳ وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد واري علائقي خيرائي ڳوٺ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 26 ورهين جو اڪبر علي پٽ گنج بخش جکراڻي قتل ٿي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان مقتول جي وارث عورت حسينه خاتون جکراڻي الزام هڻندي چيو ته اسان جي ذات وارا صدر ، بدر پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ منهنجي ڌيءُ کي کڻي ويا هئا جنهن تان تڪرار شروع ٿيو آهي، هنن فائرنگ ڪري منهنجي ڀاڻيجي کي قتل ڪيو آهي، ٻي طرف وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پسند جي شادي تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان هي واقعو پيش آيو آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.