| رتيديري ڀرسان زمين مالڪي تان جھيڙي ۾ زخمي ٿيل نوجوان فوت: لاش رکي ڌرڻو |
رتوديرو (ن پ ا) رتيديري ڀرسان لاشاري ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ دائم سناڻي ۾ 5 ڏينهن اڳ سناڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان ٿيل فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان محمد حنيف سناڻي علاج دوارن ڪراچي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، وارثن پاران مقتول نوجوان جو لاش کڻائي رتوديرو-نئون ديرو باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو ويو، وارثن رستم،ديدار حسين،صوبو خان،عرفان علي،ماروي خاتون،قائمان خاتون، نازان خاتون ۽ ٻين چيو ته مخالفن اسان جي زمين تي قبضو ڪري رهيا آهن، اسان زمين تي ٿريشر لڳرائي رهيا هئاسين ته هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ اسان جا 2 ڄڻا قتل ۽ 2 زخمي ٿيا هئا زخمين مان هڪ ڄڻو محمد حنيف فوت ٿي ويو، هنن چيو ته ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، هنن چيو ته اسان جا 3 ماڻهو قتل ٿي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.