رتيديري ۾ ايڪتا مشاعرو، مچ ڪچهري، ثقافت سان محبت جو اظهار
نومبر 19, 2024
رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري ۾ اديبن ۽ سگھڙن جو ايڪتا مشاعرو، مچ ڪچھري، سنڌ ۽ ثقافت کي ڀيٽائون پيش تفصيل موجب رتوديرو ۾سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي رتوديرو پاران ثقافتي مشاعرو ۽ مچ ڪچهري جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ناليوارن شاعرن سگهڙن ۽ فنڪارن شرڪت ڪري سنڌ ۽ ثقافت سان ڀرپور محبتن جو اظھار ڪيو، ثقافتي مشاعري ۽ سگهڙ ڪچھري ۾ مشتاق بخاري، سانول ميرالي، ساقي ابڙو، ارشاد عرضائي، اسد کوکر، نديم ٿھيم، شاهنواز شيدائي، رياض حسين ميمڻ، عبدالسميع عبد، حسنين ساقي ابڙو، مراد مھيسر، ثقلين عباس ۽ ٻين پنھنجين تخليقن ذريعي سنڌ جي ثقافت کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته ناليوارن فنڪارن عرفان حيدر ميمڻ ۽ نجف علي لانگاهه پنھنجي سريلي آواز ۾ قومي گيت ڳائي محفل کي مھڪائي ڇڏيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي شاعرن ۽ سگهڙن چيو ته اسان سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌ جي وسيلن جا وارث آهيون، سنڌ امن جي ڌرتي آھي، جيڪا امن جو پيغام ڏئي ٿي، سنڌ ڌرتي هزارين سالن کان مذھبي رواداري کي قائم رکندي اچي ٿي، اسين سڀ سنڌي ايڪتا ڏينهن جي باني ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي پاران اعلانيل انتهاپسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ ايڪتا ڏينهن ملهائڻ واري اعلان جي ڀرپور حمايت ڪيون ٿا پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان گڏ پهرين ڊسمبر تي ايڪتا ڏينهن ملهائي پوري دنيا کي پيغام ڏينداسين ته سنڌ امن جي ڌرتي آھي ۽ مذھبي مت ڀيد کان پاڪ آھي.