رتيديري ۾ مبينا مقابلي ۾ ماريل 2 جوابدارن جا لاش وارثن حوالي

رتيديري ۾ مبينا مقابلي ۾ ماريل 2 جوابدارن جا لاش وارثن حوالي

رتوديرو (ن پ ا) رتيديري ۾ گذريل ڏينھن باءِ پاس تي مبينا پوليس مقابلي ۾  ٻن  جوابدارن ڀائرن خدابخش عرف خدن جلباڻي ۽ مير حسن عرف ميرو جلباڻي واري واقعي جي ايف آءِ آر قلم 324 ، 353 ،427 ، 148 ، 149 پي پي سي 6/7 اي ٽي اي تحت ايس ايچ او رتوديرو فھيم احمد ڦلپوٽو جي فرياد تي رتوديرو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي،ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل ڏينھن باءِ پاس واري علائقي ۾ پوليس معمول موجب گشت ڪري ھئي ته اطلاع مليو ته بدنام زمانه ڏوھاري خدابخش عرف خدو جلباڻي جيڪو مختلف ٿاڻن جي سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گھربل آھي ۽ رتوديرو ٿاڻي جي ڪيسن ۾ فرار ٿيل اشتھاري جوابدار آھي، پنھنجي ڏوھاري ساٿين سميت بيٺل آھي اطلاع تي پوليس پھتي ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدارن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس موجب پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ خدابخش عرف خدو جلباڻي ۽ مير حسن عرف ميرو جلباڻي مارجي ويا، سندس لاش هٿ ڪيا ويا، مارجي ويلن جي قبضي مان هٿيار به مليا، ٻي طرف مارجي ويلن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.