رتيديري ۾ معصوم ٻالڪ گم، اغوا جو شڪ، ڌرڻو

رتيديري ۾ معصوم ٻالڪ گم، اغوا جو شڪ، ڌرڻو

رتوديرو(ن پ ا) رتيديري جي شاهه لطيف پبلڪ پارڪ جي رهواسي خانگي ٽي وي جي ڪئمرامين فاروق حاجاڻوجو 3 ورهين جو معصوم پٽ حسنين گهران نڪري پراسرار نموني گم ٿي ويو، ان حوالي سان سندس جي ڏاڏي قادن حاجاڻو ۽ ڏاڏيءَ نازان خاتون جو چوڻ هيو ته اسان جو پوٽو صبح سوير گهر مان نڪري ويو هيو، ڳولا باوجود سندس پتو نه پئجي سگهيو آهي، ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، ٻالڪ جي اغوا جو شڪ آهي، ٻي طرف سي سي ٽي وي فٽيج هٿ ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ معصوم ٻالڪ کي هڪ نينگر جي پويان ويندي ڏسي سگهجي ٿو، ٻئي طرف نينگر جي بازيابي لاءِ قلم ڌڻين جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري بس اسٽينڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، اياز ساريو ٖ علي اصغر نوناري ٖ پهلوان جويو ٖ خالد اوڍو ٖ اختر بليدي ٖ صدر ايراني ٖ اياز بليدي ٖ حبيب سنڌي ٖ عابد سومرو ٖ غازي عبد الله جويو ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي معصوم ٻالڪ کي بازياب ڪرايو وڃي.