| رتيديري ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي وچ شهر ۾ فائرنگ: نوجوان قتل: واٽهڙو زخمي |
رتوديرو(ن پ ا) رتيديري وچ شھر ۾ بس اسٽينڊ روڊ تي اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ بوهي قبا جو رهواسي نوجوان 33ورهين جو طارق علي پٽ عبدالحڪيم ڏاهاڻي قتل ٿي ويو، جڏھن ته ھڪ واٽهڙو ڳوٺ ولي محمد بروهي جو رهواسي فاضل بروهي زخمي ٿي پيو، مقتول جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف مقتول جي سئوٽ محمد علي ڏاهاڻي چيو ته سئوٽ شھر ۾ ڪنهن ڪم سانگي آيل هيو، جتي اڻڄاتل هٿياربندن گوليون ھڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو آھي، اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، هوڏانهن پوليس چيو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.