رتيديري ۾ پوليس 2 نوجوانن کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو،  مقابلي جي دعويٰ 

رتيديري ۾ پوليس 2 نوجوانن کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو،  مقابلي جي دعويٰ 

لاڙڪاڻو/رتوديرو (نمائندن وٽان) رتيديري ڀرسان لاشاري ٿاڻي جي حد واري علائقي رتوديرو لاشاري روڊ واره پل وٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾  ٻن ڄڻن لاڙڪاڻو جي رهواسي شاهنواز عرف شانو ڪلهوڙو ۽ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ گنجا تنيو جي رهواسي گل جان تنيو کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، پوليس  موجب ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو،  مقابلي دوران پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻئي ڏوهاري مارجي ويا آهن، ٻي طرف 8ڪلاڪن بعد اسپتال مان گل جان تنيو جو لاش سندس وارثن ڀاءُ عجب گل ۽ چاچي غلام مصطفيٰ تنيو وصول ڪيو.وارثن موجب  اڱاري ڏينهن شام جو ڊي ايس پي باقراڻي فهد مغل اسان جي اوطاق تي اچي چيو ته گل جان ڪيس ۾ گهربل آهي جنهن جي هن کان جاچ ڪري بعد ۾ کيس ڇڏينداسين اسان جي نوجوان کي اتان وٺي اچي لاشاري ٿاڻي جي حد ۾ ڪوڙو پوليس مقابلو ڄاڻائي بيگناه ماريو ويو آهي. پوليس اسان سان ناحق ڪيو آهي هنن چيو ته سندس مٿان اڳ ۾ ڪيس هئا جن مان آجو ٿيل هيو ۽ هڪ ڪيس ۾ ضمانت تي هيو. ٻئي طرف شاهنواز عرف شانو ڪلهوڙو جو لاش واقعي جي 12 ڪلاڪن بعد سندس جي ڀاءُ عاشق حسين وصول ڪيو جنهن جو چوڻ هيو ته منهنجو ڀاءُ گهران نڪري اسٽور تان دوا خريد ڪرڻ لاءِ ويل هيو جنهن کي پوليس رستي تان پڪڙي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماريو آهي،ٻي طرف پوليس دعويٰ ڪئي ته مارجي ويل جوابدا ر 50 کان وڌيڪ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ نامزد هئا.