رتيديري ۾ 3 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل ٻار بازياب نه ٿي سگهيو، ڌرڻو، روڊ بلاڪ

رتيديري ۾ 3 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل ٻار بازياب نه ٿي سگهيو، ڌرڻو، روڊ بلاڪ

رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري جي شاھ لطيف پبلڪ پارڪ مان 3 ڏينهن اڳ رتوديرو پريس ڪلب جي ڪئمرامين فاروق حاجاڻو جو اغوا ٿي ويل 3 ورهين جو معصوم پٽ حسنين حاجاڻو بازياب نه ٿي سگهيو، نينگر جي بازيابيءَ لاءِ قلم ڌڻين جي سڏ تي رتوديرو – نئون ديرو باءِ پاس تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ مغوي نينگر جي وارثن ٖ جميعت علماءِ اسلام ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ، جيئي سنڌ قومي محاذ ، جيئي سنڌ محاذ ، سوشل ورڪرس ، سول سوسائٽي ۽ عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اڳواڻن علي اصغر نوناري ،  پهلوان جويو ، خالد اوڍو ، عنايت عمراڻي ، مولانا طارق سومرو ، اختر بليدي ، مولانا عبدالغفار جويو ، مومن سمون ، اياز بليدي ، حبيب سنڌي ، ايڊووڪيٽ جهابگير اڪبر عارباڻي ، طارق گهانگهرو ، ڊاڪٽر امداد گهانگهرو ، ڪمانڊو گلبهار جلباڻي ، صدر ايراني ، مولا بخش بروهي ، وفا زمان جويو ۽ ٻين چيو ته ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انتهائي ڏک جي ڳالھ آهي ته 3 ڏينهن گذرڻ بعد به اغوا ٿيل معصوم ٻارڙو بازياب ٿي ڪونه سگهيو آهي شهر ۾ وڌي ويل لاقانونيت سبب هاڻي معصوم ٻار به محفوظ ناهن انهن کي به سر عام ڏينهن ڏٺي جو اغوا ڪيو پيو وڃي پر ان هوندي به لاڳاپيل اختياريون خاموش بڻيل آهن افسوس جو تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميه مان هن وقت تائين معصوم جي وارثن وٽ کين آٿت ڏيڻ لاءِ به ڪو لڙي ڪونه آيو، هوڏانهن ڊي ايس پي رتوديرو سعد جبار سهتو ۽ ايس ايڇ او فهيم ڦلپوٽو پوليس ساڻ ڪري ڌرڻي واري هنڌ پهتا جتي ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ ۽ مسئلي کي حل ڪرڻ بدران ڊي ايس پي آپي مان نڪري ويو هن ڌرڻو هڻي ويٺل مغوي نينگر جي وارثن ٖ صحافين ٖ سياسي ٖ سماجي تنظمين جي اڳواڻن ۽ شهرين کي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ داٻا ڏنا، مظاهرين جو چوڻ هيو ته نينگر کي اغوا ٿئي 3 ڏينهن ٿيا آهن پوليس ڪجھه ناهي ڪيو، پوليس ڳالهيون ڪرڻ بدران ڌمڪيون ڏيڻ تي لهي آئي آهي.