رتي ديري ۾ جلباڻين جو جھيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل، لاش رکي ڌرڻو

رتي ديري ۾ جلباڻين جو جھيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل، لاش رکي ڌرڻو

رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ بڊو جلباڻي ۾ جلباڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي  فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب 27 ورهين جو نوجوان آصف علي پٽ نبن جلباڻي قتل ٿي ويو جڏهن ته مقتول نوجوان جي وارثن سندس جو لاش ايمبولنس ۾ رکي ڀانڊو قبو وٽ رتوديرو _ شڪارپور روڊ  تي ڌرڻو هڻي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي ڌرڻي سبب شڪارپور لاڙڪاڻو سکر سميت  مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي جنهن سبب مسافرن کي تڪليفن سان منهن ڏيڻو پئجي ويو ان سلسلي ۾ مقتول جي والد نبن ۽ ٻين وارثن غوث بخش ، نديم ، سڌير ۽ قلندر بخش ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان جو پنهنجي ذات وارن سان زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ آهي جنهن ۾ خدن جلباڻي جي ڌر اسان مٿان اڳ به فائرنگ ڪئي هئي جنهن ۾ اسان جو ھڪ نوجوان امير بخش قتل ٿي ويو هو هڪ مرد ۽ عورت زخمي ٿيا هئا اڄ ٻيهر انهن ئي اسان تي فائرنگ ڪئي آهي جنهن ۾ گولي لڳڻ سبب نوجوان قتل ٿي ويو آهي اسان اڳ واري ٿيل واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ رتوديرو پوليس کي بار بار چوندا رهياسين پر پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ها ته هي واقعو پيش نه اچي ها پوليس جي سستي سبب اسان کي ٻيو لاش مليو آهي.ٻن ڪلاڪن بعد اي ايس پي رتوديرو سيد حيدر علي بخاري ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن سان ڳالهيون ڪري کين يقين ڏياريو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو ويندو اهڙي يقين ڏيارڻ بعد مظاهرين پاران احتجاج ختم ڪيو ويو اي ايس پي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وارثن جي مرضي موجب ايف آءِ آر داخل ڪري ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ٻئي طرف مقتول نوجوان جو مڙه پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي پوري ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب جوابدار پنهنجا گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن جن خلاف ڪارروائي جاري آھي حد واري ٿاڻي تي واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي ڪونه سگهيو هيو ۽ نه ئي وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.